ابوالقاسم نمڪين

ابوالقاسم ”نمڪين“: ابوالقاسم اڪبر بادشاهه جي دور ۾ مختلف وقتن تي سبيءَ کان بکر ۽ سيوهڻ تائين جاگيردار ۽ حاڪم ٿي گذريو آهي. هو طاقتور سپهه سالار جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هن سبيءَ جو قلعو پني قبيلي جي پٺاڻن سان جنگ ڪري فتح ڪيو. قره بيگ جي وفات بعد کيس سيوهڻ، بکر، اوٻاوڙي ۽ گنجابي جي جاگير ملي. روهڙي ۽ سکر جي وچ تي بکر ڀرسان هڪ پُر فضا پهاڙي کي هموار ڪيو، اتي ويهي فيصلا وغيره ڪندو هو، اهو ٿلهوصفه صفا“ جي نالي سان مشهور ٿيو. کيس علم ادب جو تمام گهڻو شوق هو ۽ هڪ ڪتاب ”منشات نمڪين“ نالي لکيائين. ابوالقاسم نمڪين 1018هه 1609ع ۾ وفات ڪري ويو، سندس آخري آرامگاهه به ”صفه صفا“ روهڙيءَ ۾ آهي ۽ ان ٽڪريءَ تي سندس اولاد جون به قبرون آهن. ڪي ماڻهو ان کي ”ستين جو آستان“ به سڏيندا آهن، پر اهو غلط آهي.


لفظ ابوالقاسم نمڪينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1609.00.00  عيسوي

ابوالقاسم نمڪين 1018هه 1609ع ۾ وفات ڪري ويو ،


1018.00.00  هجري

ابوالقاسم نمڪين 1018هه 1609ع ۾ وفات ڪري ويو ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام علي بيگ ميرزا علي
اقبال جوڳي
پير رکيل ريلائي
ڪي بي رند
جسٽس غلام رباني
درگداس بي آڏواڻي
آسڪو پارپولا
صادق ميمڻ
ولي سروري
ابن خردازبه 2
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون